سنڌو ساک سنگم

سنڌو ساک سنگم

سنڌو ساک سنگم

سنڌو ساک سنگم (Sindhu Sakha Sangam): سنڌو ساک سنگم، هندستان ۾ سنڌي ٿيئٽر جو وڏو نالو آهي. هي ٿيئٽر، 29 سيپٽمبر 2007ع تي سنڌو نگر، الهاس نگر ۾ مقيم سنڌين قائم ڪيو. ٿيئٽر جي قائم ڪرڻ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري ۽ ترقيءَ جهڙو مقصد ڪارفرما آهي. سنڌو ساک سنگم ۾ موسيقار، راڳي، ڪهاڻي نويس، ڊائريڪٽر، اسٽيج ٿيئٽر لاءِ لائيٽ مين ۽ ٻيو عملو هر وقت حاضر رهي ٿو. ٿيئٽر جي مقصدن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ اسٽيج ڊرامن کي نه فقط انڊيا بلڪ پوري دنيا سطح تي پيش ڪري پذيرائي وٺرائڻ ۽ سنڌي ٿيئٽر جي مارڪيٽ ٺاهي ٻين ٻولين ۾ ٿيندڙ ٿيئٽرن جي مقابلي ۾ آڻي بيهارڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ آهي. ان مقصد جي حاصلات لاءِ سنگم جي سموري سنگت جانفشانيءَ سان ڪم ڪري ٿي ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ سنڌي ڊرامن جي سنگم هندستان توڙي پرڏيهه ۾ مشهوري ماڻي آهي.
سنڌو ساک سنگم پاران ڊرامن سميت موسيقيءَ جا براهه راست پروگرام، ناچ جا مقابلا وغيره پڻ منعقد ڪرايا وڃن ٿا. ٿيئٽر جي ميمبرن ۾ مجموعي طور ڪم ڪندڙ سنڌي آهن، جن وٽ سنڌ جي ڪلچر ۽ ٻوليءَ جي وسيع ڦهلاءُ جو جنون موجود آهي. سنڌي ڪلچر ۽ ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ ٿيئٽر پاران ڪن موقعن تي بنا ٽڪيٽ جي پروگرام پڻ ڪرايا وڃن ٿا. ستر جي ڏهاڪي تائين اوج ڏسندڙ سنڌي ٻوليءَ جي ٿيئٽر جو ڪجهه وقت زوال رهيو، جنهن کي هندستان ۾ خاص طور جيارڻ لاءِ سنڌو ساک سنگم ۽ ڪن ٻين ادارن جون خدمتون قابل تحسين آهن.
ٿيئٽر جي پاران پهريون ڊرامو ’ديوان گورڌن داس گوپلاڻي‘ اسٽيج ڪيو ويو، جيڪو ڊرامو مزاحيه هو، جنهن کي ڏسندڙن پاران ڀرپور موٽ ملي، جنهن کانپوءِ هندستان ۾ مختلف هنڌن تي ساڳيو ڊرامو پنجاهه کان مٿي ڀيرا اسٽيج ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ دبئيءَ ۾ به هيءُ ڊرامو اسٽيج ٿيو. ٿيئٽر پاران هن وقت تائين هيٺيان ڊراما اسٽيج ڪيا ويا آهن: (1) سهڻا سنڌي، جڳ جو شان، (2) ڊم ڊم ڊگا ڊگا (مزاحيه ڊرامو)، (3) جئه جهولي لعل، جئه سنڌ، جئه سنڌ.
هنن ناٽڪن مان ’سهڻا سنڌي جڳ جو شان‘ ڊرامي جو ليکڪ سداحيات رامڻ راجپال، ڊائريڪٽر جولي تيجواڻي آهن ۽ اداڪارن ۾ جيتو وزيراڻي، ريکا ٺڪر، ٽيڪو منگتاڻي، آرتي جسونت ڪمار، وجي پواڻي، جولي تيجواڻي، جئه هيرو، ڪشن راماڻي، جنوي راماڻي، شلپا سڌاڻي، ڪرونا تيجواڻي، گلشن ماکيجا، ڊنيش روهڙا، پرتيش ٿواڻي، نارائڻ واسديو شامل آهن.
سنڌو ساک سنگم پاران آل انڊيا ڊراما فيسٽيول ڀوپال اينڊ بڙودا ۾ به سنڌي ڊرامو ’تديو لنگم‘ پيش ڪيو ويو، جنهن کي اٺن پهرين بهترين ڊرامن ۾ شمار ڪرڻ جو اعزاز مليو. ان ڊرامي ۾ هند ۾ اسٽيج ڊرامي جي موجود نامور ڪلاڪارن: جيتو وزيراڻي، جولي تيجواڻي ۽ ٻين اداڪاري ڪئي. سنڌو ساک سنگم ۾ ڪم ڪندڙ ڪلاڪارن ۽ اسڪرپٽ لکندڙن جي چوڻ موجب ته هي سنڌو (سنڌ) جا سنگتي يا پروانا آهن. سنڌو ساک سنگم پاران نئين ڊرامي ’بندر جي هٿ ۾ شيمپيئن‘ تي ڪم هلندڙ آهي. هن ڊراما منڊليءَ جي هيڊ آفيس مها لڪشمي، وينس سئنيما، الهاس نگر (سنڌو نگر)، ضلعي مهاراشٽر، انڊيا ۾ آهي.


لفظ سنڌو ساک سنگمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو